ديوان قاسم 1

ديوان قاسم 1

ديوان قاسم 1

ديوان قاسم 1 (ڪتاب): سنڌ جي انگريز دور جي مشهور شاعر خليفي محمد قاسم ’هالائيءَ‘ جو الف- ب وار غزلن تي مشتمل ’ديوان قاسم‘ مرزا قليچ بيگ ترتيب ڏنـو هـو، جيـڪـو مــرزا قـليچ بيـگ جــي وفات (1929ع) کان پوءِ سندس فرزند مرزا افضل بيگ 1938ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي ابتدا ۾ مرزا افضل بيگ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي مختصر سوانح عمري ڏني آهي. جڏهن ته محمد قاسم هالائيءَ جي سوانح عمري، محمد صديق ميمڻ (پرنسپال ٽريننگ ڪاليج فار ميـن حيـدرآبـاد) لکـي آهــي. ڪتاب تي مرزا قليچ بيگ جي فرزند نادر بيگ جا ٻه لفظ ۽ قليچ بيگ جي فرزند اجمل بيگ جو ديوان قاسم بابت نظم ڏنل آهن. ديوان قاسم رديف الف کان رديف ي تائين 137 غزلن تي مشتمل آهي، هي ديوان ڪرائون سائيز جي 183 صفحن تي مشتمل آهي. ديوان قاسم جي الف ب وار شرح 170 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪرائون سائيز جو ڪتاب پوڪرداس اينڊ سنز بڪ سيلرس، سنڌ سينٽرل بوڪ ڊيپو ڪراچي/ حيدرآباد/ شڪارپور مان 1931ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو ڏهه آنا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو